ڪابينا جي اي سي ايل ڪميٽي جي نئين سر جوڙجڪ، وزيراعظم سربراهي ڪندو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت ڪابينا جي اي سي ايل ڪميٽي جي نئين سر جوڙجڪ ڪري ڇڏي.
اي سي ايل ڪميٽي جي سربراهي ڪنهن وفاقي وزير کي نه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، وزيراعظم پاڻ سربراهي ڪندو.
ڪميٽي لاءِ سيڪرٽريل سپورٽ گهرو وزارت ڏيندي، جڏهن ته گهرو وزارت کي اي سي ايل ڪميٽي ۾ شامل ناهي ڪيو ويو.
ڪابينا ڊويزن 4 رڪني اي سي ايل ڪميٽي جي نئين سر جوڙجڪ جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو، جنهن موجب ان ۾ قانون وارو وزير، صنعت ۽ پيداوار ۽ انساني وسيلن وارا وزير به شامل هوندا.
وزيراعظم جي غير موجودگي ۾ قانون وارو وزير ڪميٽي جي سربراهي ڪندو، اي سي ايل ذيلي ڪميٽي ۾ اي سي ايل ڪيسن جي جاچ پڙتال ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.