عدليا ۾ ڪنهن به قسم جي مداخلت برداشت نه ٿيندي: چيف جسٽس

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته عدليا ۾ ڪنهن به قسم جي مداخلت برداشت نه ٿيندي.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 6 ججن جي خط جي معاملي تي سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس جي صدارت هيٺ فل ڪورٽ اجلاس ٿيو، جنهن جي پڌرائي جاري ڪئي وئي.
پڌرائيءَ موجب چيف جسٽس کي 26 مارچ تي خط مليو، معاملي جي سنگين تي ان ئي ڏينهن ميٽنگ ٿي، چيف جسٽس پنهنجي رهائشگاهه تي سڀني ججن کي دعوت ڏني ۽ سڀني سان انفرادي طور گفتگو ڪئي.
پڌرائيءَ ۾ چيو ويو ته فل ڪورٽ ميٽنگ 6 ججن جي خط ۾ اٿاريل ايشوز تي غور ڪيو، چيف جسٽس چيو ته عدليا ۾ ايگزيڪيوٽو جي مداخلت کي اداري طور بلڪل برداشت نه ڪيو ويندو.
واضح رهي ته فل ڪورٽ اجلاس چيف جسٽس ۽ وزيراعظم جي ملاقات کانپوءِ ٿيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.