ڪراچي سميت سڄي ملڪ لاءِ بجلي وڌيڪ مهانگي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڪراچي سميت سڄي ملڪ لاءِ بجلي وڌيڪ مهانگي ڪئي وئي.
نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) بجلي ٻه رپيا 75 پئسا في يونٽ مهانگي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.
بجلي مهانگي ڪرڻ جي منظوري هلندڙ مالي سال جي ٻي ٽن مهينن جي ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ڏني وئي.
نيپرا بجلي جو اگهه وڌائڻ جو فيصلو وفاقي حڪومت کي موڪلي ڇڏيو، فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته واهپيدارن کان واڌو وصوليون اپريل، مئي ۽ جون ۾ ڪيون وينديون.
بجلي جي اگهه ۾ واڌ ڪي اليڪٽرڪ واهپيدارن تي به لاڳو ٿيندي، ان واڌ سان واهپيدارن تي 85 ارب 20 ڪروڙ رپين جو واڌو بار پوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.