ڪراچي ۾ هڪ ڪروڙ 88 لک رپين جي ڦر

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي سکن جي علائقي ۾ هڪ ڪروڙ 88 لک رپين جي ڦر جو واقعو سامهون آيو آهي، پوليس موجب فيڪٽري جي ڪيش وين رقم آڻي رهي هئي، جنهن کي ڦريو ويو.
پوليس جو چوڻ آهي ته موٽر سائيڪل سوار ٽن جوابدارن واردات ڪئي، هنن روڪ رقم ڦر ڪئي ۽ آساني سان فرار ٿي ويا.
پوليس ٻڌايو ته فيڪٽري جي ڪيش انشورڊ هئي، واردات وقت وين ۾ مئنيجر ۽ ڊائريڪٽر هئا، جڏهن ته وين جي حفاظت لاءِ ڪو سيڪيورٽي گارڊ موجود نه هو.
پوليس و اقعي جو ڪيس داخل ڪري جوابدارن جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.