يتيمي کانپوءِ سوچي ڇڏيو هو ته ماڻهن کان محبت حاصل ڪرڻي آهي: علي گل ملاح

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مشهور ڊرامي ”عشق مرشد“ ذريعي سڀني جون دليون کٽيندڙ سينيئر اداڪار علي گل ملاح چيو آهي ته مشهور ٿيڻ کانپوءِ ريڙهي تي ڇولا کائڻ به ڏکيو آهي، ماڻهو حيراني سان ڏسندا آهن.
علي گل ملاح نجي ٽي وي چئنل جي رمضان ٽرانسميشن ۾ مهمان طور شرڪت ڪئي، هن چيو ته مشهور ٿيڻ کانپوءِ سوشل ميڊيا تي توهان بابت ڪوڙيون خبرون به پکڙجڻ شروع ٿي وينديون آهن، ايتري تائين جو منهنجي لاڏاڻي جون ڪوڙيون خبرون وائرل ٿيون، مان ان وقت گهر جي ٽائنڪي صاف ڪري رهيو هيس.
شوبز انڊسٽري ۾ اچڻ جي حوالي سان علي گل ملاح چيو ته آرٽسٽ پيدا ٿيو آهي، اها هڪ خداداد صلاحيت آهي، مان ننڍپڻ کان ئي ٻين اداڪارن کان الڳ رهندو هيس، ننڍپڻ ۾ ئي ماءُ لاڏاڻو ڪري وئي هئي ۽ جيئن ئي يتيمي جو سلسلو شروع ٿيو ته مان سوچي ورتو هو ماڻهن کان محبت حاصل ڪرڻي آهي ته مار به کاڌي ۽ محبت به ملي.
سندس چوڻ هو ته اسان ڪيترن ئي فنڪارن کي ڪسمپرسي جي حالت ۾ ڏٺو، وڏن وڏن آرٽسٽن گهر نه ٺاهيو، ان سبب ئي مان اداڪاري سان گڏ ٻيو ڪم به شروع ڪيو، مان ريئل اسٽيٽ جو ڪم به ڪيو، مڇي جو ڪاروبار به ڪيو پر اداڪاري منهنجو جنون هو ته مان ان کي جاري رکيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.