وفاقي اردو يونيورسٽي ۾ روسي ٻولي سيکارڻ جي مرڪز جو افتتاح

ڪراچي (پ ر) وفاقي اردو يونيورسٽي عبدالحق ڪيمپس ۾ روسي ٻولي سيکارڻ جي مرڪز جو افتتاح ڪيو ويو، افتتاحي تقريب جي شروعات پاڪستان ۽ روس جي قومي ترانن سان ٿي.
تقريب ۾ شيخ الجامعه پروفيسر ڊاڪٽر ضابطه خان شنواري، قونصل جنرل رشين فيڊريشن آندري وڪٽوروچ فيدروف، ڪياماڙي مان صوبائي اسيمبلي ميمبر آصف خان، ڊاڪٽر اصغر دشتي، فيصل ايڌي، نائب قونصل جنرل رسلان ايم پروخروف، ڊاڪٽر فيصل جاويد ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
شيخ الجامعه پروفيسر ڊاڪٽر ضابطه خان شنواري پنهنجي خطاب ۾ چيو ته پاڪستان کي جيڪڏهن ترقي ڪرڻي آهي ته سڄي دنيا سان هٿ ملائي هلڻو پوندو ۽ دنيا ۾ ڪو ملڪ ۽ ڪا يونيورسٽي اڪيلي سر ترقي نٿي ڪري سگهي، اسان جي پنهنجي ٻولي جي هڪ اهميت آهي، تنهن ڪري اسان رشيا کان شروعات ڪئي آهي، انگريزي، فارسي، عربي اڳ کان موجود آهن، اسان ٻين ملڪن سان به رابطو ڪنداسين ۽ اسان جي يونيورسٽي جي شاگردن، خاص طور ڪراچي لاءِ وڏو موقعو آهي ۽ اسان رشيا جي ترقي مان فائدو کڻنداسين ۽ انهن سان گڏجي ڪم ڪنداسين.
ڊاڪٽر فيصل جاويد چيو ته ان سينٽر جي قيام سان عالمي لاڳاپن جي شعبي جي شاگردن کي روسي ٻولي، تاريخ ۽ ڪلچر سمجهڻ جو موقعو ملندو، اهو مرڪز 70 لک رپيا لاڳت سان آءِ آر شعبي تحت سائنس ۽ ثقافت بابت روسي مرڪز (ايوان دوستي) روسي حڪومت جي سهڪار سان قائم ڪيو ويو آهي، مرڪز ۾ روسي استاد بنا معاوضي روسي ٻولي سيکاريندا.
آندري وڪٽوروچ فيدروف خطاب ڪندي چيو ته روس ۾ دهشتگردي ڪري معصوم ماڻهن کي نشانو بڻايو ويو آهي، جيڪو انتهائي مذمت جوڳو عمل آهي، ان موقعي تي دهشتگردي جو نشانو بڻجندڙن جي ياد ۾ هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي وئي.
هن چيو ته ڪراچي ۾ روسي ٻولي سيکارڻ جو مرڪز قائم ڪيو ويو آهي، جڏهن ته لاهور ۾ ايندڙ مهيني روسي ٻولي سيکارڻ جي مرڪز تي ڪم شروع ڪيو ويندو، روسي ٻولي سکڻ سان پاڪستاني شاگرد روس جي يونيورسٽين ۾ اسڪالرشپ حاصل ڪري سگهندا.
واضح رهي ته وفاقي اردو يونيورسٽي ۾ عالمي لاڳاپن جي شعبي ۽ رشين ڪلچر سينٽر وچ ۾ 25 جنوري 2023 ۾ معاهدو ڪيو ويو هو، ان معاهدي تحت هيل تائين لاڳاپيل شعبي جا 6 شاگرد اسڪالرشپ حاصل ڪري چڪا آهن، جڏهن ته هر سال 10 شاگرد اعليٰ تعليم لاءِ اسڪالرشپ تي روس ويندا ۽ روسي يونيورسٽين ۾ داخلا وٺي سگهندا.
تقريب ۾ قائم مقام رجسٽرار محمد صديق، ڊاڪٽر شاهد اقبال، ڊاڪٽر ياسمين سلطانه، اقبال نقوي، ڊاڪٽر رضوانه جبين، ڊاڪٽر ممنون احمد، ڊاڪٽر محمد عارف خان، ڊاڪٽر امير فاروقي، اين اي ڊي يونيورسٽي جي پروفيسر ساجده ذڪي ۽ شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
تقريب جي پڄاڻي تي مهمانن کي گلدستا پيش ڪيا ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.