محسن نقوي سان آءِ سي سي وفد جي ملاقات

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي ) جي چيئرمين محسن نقوي سان آءِ سي سي جي وفد چيمپيئنز ٽرافي جي انتظامن جي حوالي سان ملاقات ڪئي آهي.
لاهور ۾ ٿيل ملاقات ۾ پي سي بي چيئرمين ۽ آءِ سي سي جي وفد پاڪستان ۾ چيمپئنز ٽرافي ڪرائڻ جي انتظامن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
آءِ سي سي وفد ڪراچي، لاهور ۽ راولپنڊي جي اسٽيڊيمز ۾ سهولتن تي اطمينان جو اظهار ڪيو .
ان موقعي تي محسن نقوي چيو ته ايونٽ لاءِ تمام ضروري معاملن وقت سر مڪمل ڪيا ويندا.
ياد رهي ته آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي 2025ع فيبروري ۾ مارچ ۾ پاڪستان ۾ شيڊيول آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.