وزيراعظم پيٽرول ۽ ٻين شين جي سمگلنگ جو نوٽيس وٺي ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف پيٽرول ۽ ٻين شين جي سمگلنگ جو نوٽيس وٺي ڇڏيو.
ذريعن موجب وزيراعظم گهرو وزارت، توانائي، صنعت ۽ پيداوار جي لاڳاپيل اختيارين کي وزيراعظم آفيس طلب ڪري ورتو، جنهن ۾ اختيارين کي ايڪشن پلان گڏ آڻڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ سمگلنگ کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ گهرو وزارت کي اهم ٽاسڪ ڏيڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ سمگلنگ جي روڪٿام لاءِ ڪريڪ ڊائون به ٻيهر شروع ڪرڻ جو امڪان آهي.
ذريعن موجب وزيراعظم جي سربراهي ۾ ٿيندر اجلاس کانپوءِ سمگلنگ جي روڪٿام بابت حتمي حڪمت عملي طئي ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.