روس ماسڪو حملي جو الزام آمريڪا، برطانيا ۽ يوڪرين تي هڻي ڇڏيو

ماسڪو (ويب ڊيسڪ) روسي اختيارين چيو آهي ته ماسڪو ۾ ٿيندڙ دهشتگرد واقعي ۾ گرفتار سمورا جوابدار تاجڪستان جا شهري آهن.
پرڏيهي خابرو اداري موجب روسي اختيارين جو چوڻ آهي ته سمورا گرفتار دهشتگرد تاجڪستان جي تخت گاهه دوشنبي جي ڀر وارن علائقن سان واسطو رکن ٿا.
روسي اختيارين موجب گرفتار شڪي ماڻهن مان فريدوني شمس الدين جو تاجڪستان ۾ گهر سيل ڪيو ويو آهي، بيڪري ملازم فريدوني 6 مهينا اڳ روس آيو هو ۽ باقاعدي سان رقم گهر موڪليندو هو.
روسي ڳجهي ايجنسي جو چوڻ آهي ته حملي پويان امڪاني طور تي آمريڪا، برطانيا ۽ يوڪرين آهن، جوابدارن حملي کانپوءِ يوڪرين فرار ٿيڻ چاهيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.