ڊرامن ۾ اداڪارن جو نڪاح اصل هوندو آهي: اسڪالر جي وڊيو وائرل

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سوشل ميڊيا تي کانگي ٽي وي چينل جي پروگرام جي هڪ وڊيو ڪلپ وائرل ٿي وئي آهي جنهن ۾ هڪ مذهبي عالم چئي رهيو آهي ته ڊرامن ۾ زال مڙس جو  ڪردار ادا ڪندڙن جو نڪاح ۽ طلاق اصل ۾ ٿي ويندو آهي. ان تي پاڪستاني ڊرامن جي مشهور اداڪارن دلچسپ تبصرا ڪيا آهن.

وائرل وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته هڪ عالم ٻئي کان سوال پڇي رهيو آهي ته ڊرامن ۾ جيئن اصل جا زال مڙس ڪردار ادا ڪندي هڪ سين جي ڊائلاگ ۾ طلاق جو لفظ چون ٿا ته اصل ۾ طلاق ٿي ويندي آهي جڏهن ته انهن جي نيت ناهي هوندي، ته ڇا اها صورت نڪاح ۾ به ساڳي رهندي جيئن ٻه اداڪار ڊرامن ۾ ڪم ڪندي ڊرامي اندر شادي ڪندا آهن ته ڇا انهن جي شادي ٿي ويندي؟

ان جي جواب ۾ اسڪالر چئي ٿو ته ”ها، بلڪل ٿي ويندي“

هن وڌيڪ چيو ته جيئن ٻن گواهن جي موجودگي ۾ ٻه ماڻهو پاڻ ۾ شريعت موجب نڪاح ڪن ٿا، چاهي ڀوڳ ۾ هجي“ ان وچ ۾ پروگرام جو ميزبان بلال چئي ٿو ته ڀوڳ جي ڳالهه ناهي ڊرامي جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون“ جنهن تي اسڪالر چئي ٿو ته ڊراما به اصل ۾ ته ناهن هوندا، جيئن هو نڪاح ڪن ٿا ته ٿي ويندو، ان تي چيڪ اينڊ بيلنس ڇو رکيو ويو آهي؟“

سندس وائرل ٿيل وڊيو تي بحث شروع ٿي ويو آهي . هڪ واهپيدار لکيو آهي ته اها پراڻي وڊيو آهي. جڏهن ته اداڪارن ان تي تبصرا ڪرڻ شروع ڪيا آهن.

اداڪار علي عباس لکيو آهي ته هن هاڻي ڳڻپ ڪئي آهي جنهن موجب 97 نڪاح ٿي ويا آهن، زالون ڪٿي آهن؟

اداڪارا يشما گل لکي ٿي ته کيس اهو به ياد ناهي ته پهريون ڀيرو ”ها“ ڪنهن کي ڪيائين، سندس اصل مڙس ڪير آهي؟ آخر ۾ الله کان معافي گهرندي لکي ٿي ”استغفرالله

اداڪارا اشنا شاهه وڊيو تي لکيو آهي ته ”پنهنجي مڙس سان ان معاملي تي عجيب و غريب ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.