ڪرپشن الزامن کي منهن ڏيندڙ سياستدان جي نوٽن تي ستل تصوير وائرل

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست آسام ۾ ڪرپشن الزامن جو شڪار سياستدان بينجيمن بسوماتري جي نوٽن تي ستل تصوير وائرل ٿي وئي.
تصوير ۾ ڀارتي رياست آسام جي سياستدان کي 5 سئو ڀارتي رپين جي نوٽن جي ڍير تي ستل ڏسي سگهجي ٿو، جڏهن ته ڪجهه نوٽ سندس مٿي تي به پيا آهن.
ڀارتي رياست آسام جي خود مختيار ڊويزن بڊولينڊ جي ليڊر بينجيمن بسوماتري تي وزيراعظم هائوسنگ اسڪيم ۽ رورل جاب اسڪيم ۾ وڏي پئماني تي ڪرپشن جا الزام آهن.
هوڏانهن بينجيمن بسوماتري جي جماعت (يو پي پي ايل) پنهنجي بيان ۾ وضاحت ڪندي ٻڌايو ته بينجيمن جو هاڻ جماعت سان ڪو واسطو ناهي ۽ سندس رڪنيت 10 جنوري 2024 ۾ معطل ڪئي وئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.