ڪرڪيٽ آسٽريليا پاڪستان جي دوري جو شيڊيول جاري ڇڏيو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) آسٽريلوي ڪرڪيٽ بورڊ ( ڪرڪيٽ آسٽريليا ) پاڪستان جي دوري جو شيڊيول جاري ڪري ڇڏيو.
ڪرڪيٽ آسٽريليا موجب، پاڪستان ۽ آسٽريليا جي وچ ۾ 3 ون ڊي ۽ 3 ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز چار نومبر کان شروع ٿيندي.
شيڊيول موجب، سيريز جي سموريون ون ڊي ميچون ڊي اينڊ نائيٽ هونديون جڏهن ته ٽئي ٽي ٽوئنٽي ميچون رات جون کيڏيون وينديون.
شيڊيول تحت ٻنهي ٽمين وچ ۾ پهرين ون ڊي 4 نومبر تي ميلبورن ۾، ٻي ون ڊي 8 نومبر تي ايڊيليڊ ۽ ٽين ۽ آخري ون ڊي 8 نومبر تي پرٿ ۾ کيڏي ويندي.
شيڊيول ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پاڪستان ۽ آسٽريليا جي وچ ۾ ٽي ٽوئنٽي سيريز 14 نومبر کان برسبين ۾ شروع ٿيندي، ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٻي ميچ 16 نومبر تي سڊني جڏهن آخري ميچ 18 نومبر تي هوبارٽ ۾کيڏي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.