ڪور ڪمانڊر ڪراچي جي گوادر ۾ زخمي ٿيندڙ سپاهين جي عيادت، ڀيٽا ڀيش

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪور ڪمانڊر ڪراچي جنرل بابر افتخار گوادر ۾ زخمي ٿيندڙ پاڪ فوج جي دلير سپاهين جي پي اين ايس شفا ۾ عيادت ڪئي.
ليفٽيننٽ جنرل بابر افتخار بهادري سان دهشتگردن جو مقابلو ڪندڙ جوانن کي ڀيٽا پيش ڪئي.
هن چيو ته قوم پنهنجي بهادر جوانن تي فخر ڪري ٿي، جيڪي هر قسم جي حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار رهن ٿا.
سندس چوڻ هو ته انهن جوانن جو حوصلو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته دهشتگرد پنهنجي ناڪام مقصدن ۾ ڪڏهن ڪامياب نه ٿيندا.
ڪور ڪمانڊر ڪراچي چيو ته پاڪ فوج جا دلير جوان دشمن سامهون ڀت بڻيل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.