ملڪي ناڻي مٽاسٽا ذخيرن ۾ واڌ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ملڪي ناڻي مٽاسٽا ذخيرن جا نوان انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا.
اسٽيٽ بئنڪ موجب ملڪي ناڻي مٽاسٽا جا ذخيرا 15 مارچ تي ختم ٿيندڙ هفتي ۾ 23.94 ڪروڙ ڊالر وڌيا آهن.
اسٽيٽ بئنڪ ٻڌايو آهي ته ملڪي ناڻي مٽاسٽا ذخيرا 15 مارچ تائين 13 ارب 39 ڪروڙ ڊالر رهيا، مرڪزي بئنڪ جا پنهنجا ذخيرا 10.50 ڪروڙ ڊالر وڌي 8.01 ارب ڊالر رهيا.
ڪمرشل بئنڪن جا ذخيرا 13.44 ڪروڙ ڊالر وڌي 5.37 ارب ڊالر رهيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.