ڪراچي (پ ر) آدم جي لائف، هنر فائونڊيشن ۽ ڪرن فائونڊيشن وچ ۾ مفاهمت جي يادداشت تي صحيحن جي نتيجي ۾ ”خوابن جو نگهبان“ جي عنوان سان هڪ نئين مهم شروع ڪئي پئي وڃي، ان گڏيل عمل جو مقصد سماجي تبديلي جي عمل کي اڳتي وڌائيندي معاشري جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪرڻ ۽ پائيدار ترقي جا عالمي مقصد (ايس ڊي جيز) حاصل ڪرڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ آهي.
معاشري جي محروم طبقن کي بااختيار بڻائڻ ۽ هاڪاري سماجي تبديلي جي عمل کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ان مهم تحت عوام کي به عطين جي اپيل ڪئي وئي آهي ته جيئن ضرورتمند ماڻهن جي ڀلائي لاءِ شروع ڪئي ويندڙ ان اجتماعي تحريڪ کي ڪامياب بڻائي سگهجي، مهم تحت سوشل ميڊيا تي به سرگرميون جاري آهن ۽ هر پوسٽ تي لائيڪ، شيئر ۽ ڪمينٽس جي وڌندڙ انگ سان گڏ هنر فائونڊيشن ۽ ڪرن فائونڊيشن کي ملندڙ عطين ۾ به واڌ ٿي رهي آهي ۽ اها ڀلائي جي ڪم جي مهم تيزي سان وڌي رهي آهي.
ان موقعي تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر آدم جي لائف چيو ته آدم جي لائف سڀني طبقن جي گڏيل ڪوششن ذريعي معاشري ۾ هاڪاري تبديلي آڻڻ تي يقين رکي ٿي، ”خوابن جو نگهبان“ رڳو هڪ مهم ناهي پر هاڪاري تبديلي جي عمل کي اڳتي وڌائڻ لاءِ اسان جي نه ٽٽندڙ عزم جو اظهار آهي.
هن وڌيڪ چيو ته هنر فائونڊيشن ۽ ڪرن فائونڊيشن سان گڏجي اسان ماڻهن کي بااختيار بڻائڻ، کين تعليم جي زيور کان آراسته ڪرڻ ۽ معاشري ۾ بهتري آڻڻ جي سفر جي شروعات ڪري ڇڏي آهي.
هنر فائونڊيشن جي مئنيجر ريسورس موبلائيزيشن منيب نويد خان چيو ته ”خوابن جو نگهبان“ مهم جي سلسلي ۾ آدم جي لائف سان گڏ اسان جي ڀائيواري ماڻهن کي هنرمند بڻائڻ ۽ خود مختياري جي منزل تي پهچائڻ لاءِ اسان جي پختي عزم جو واضح ثبوت آهي، اسان جو مقصد ان هاڪاري تبديلي جي اثرن کي معاشري جي سڀني طبقن تائين پهچائڻ آهي.
ڪرن فائونڊيشن جي باني سبينه کتري چيو ته تعليم ڪنهن به معاشري جي ترقي ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪندي آهي، ”خوابن جو نگهبان“ اسان جي ان گڏيل ويزن جو عملي اظهار آهي، جنهن تي هلندي اسان محروم طبقن کي تعليم جي دولت سان مالامال ڪري رهيا آهيون ۽ علم جي بنياد تي پنهنجي معاشري جي تعمير ڪري رهيا آهيون.
Prev Post
Next Post
You might also like