سنڌ ڪابينا جي منظوري کانپوءِ خوراڪ کاتي ڪڻڪ خريداري بابت پاليسي جاري ڪري ڇڏي

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ ڪابينا جي منظوري کانپوءِ خوراڪ کاتي ڪڻڪ خريداري واري پاليسي جاري ڪري ڇڏي آهي.
خوراڪ کاتي طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته ڪڻڪ في مڻ 4 هزار رپيا اگهه تي خريد ڪئي ويندي، سرڪاري خريداري مرڪزن تي ڪڻڪ خريد ڪئي ويندي، بارداني لاءِ ستين فارم جو شرط ختم ڪيو ويو آهي.
نوٽيفڪيشن موجب بارداڻو پاس بڪ ۽ تازي ڍل رپورٽ جي بنياد تي ڏنو ويندو، 16 ايڪڙ جي آبادگارن کي 100 سيڻي جون ٻوريون ۽ 200 پلاسٽڪ جون ٻوريون ڏنيون وينديون.
30 ايڪڙ جي آبادگارن کي 500 سيڻي جون ٻوريون ۽ هڪ هزار پلاسٽڪ جون ٻوريون ڏنيون وينديون.
جڏهن ته 50ايڪڙ ۽ مٿي جي آبادگارن کي 1000 سيڻي جون ٻوريون ۽ 2000 پلاسٽڪ جون ٻوريون ڏنيون وينديون.
پاليسي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڪڻڪ خريد ڪرڻ کانسواءِ اڳواٽ رقم ڏيڻ کي ڏوهه سمجهيو ويندو، اهڙي صورت ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر فوڊ، ڊسٽرڪٽ فوڊ ڪنٽرولر ۽ سينٽر جي انچارجن خلاف ڪيس داخل ڪيا ويندا.
نوٽيفڪيشن موجب ٻين صوبن مان ڪڻڪ جي سنڌ ۾ آمد ۽ سنڌ مان ٻين صوبن ڏانهن ڪڻڪ جي منتقلي جي جاچ ڪئي ويندي. ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻو پوندو ته ڪڻڪ صوبي جي لاڳاپيل ضلعي مان خريد ڪئي وڃي، ڪنهن ٻئي صوبي مان خريد نه ٿئي.
خوراڪ کاتي جي جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب لاڙڪاڻي ۽ سکر ضلعن جا ڪمشنر پنهنجن ضلعن جي پوليس آفيسرن کي هدايتون جاري ڪندا ته سنڌ مان ڪڻڪ افغانستان اسمگل نه ٿي سگهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.