ڪراچي (ويب ڊيسڪ) منهن جا واڌو وار چهري جي خوبصورتي کي خراب ڪري ڇڏيندا آهن، ميڪ اپ ڪيترو به مهانگو هجي، وارن کي لڪائي نٿو سگهجي.
انهن وارن کان ڇوٽڪاري لاءِ توهان ڪيتري به مهانگي ڪريم استعمال ڪندا هجو نيٺ ڊاڪٽر مهانگو علاج ڪرائڻ جي صلاح ڏيندا اهن پر جڏهن شادي ٿيندي آهي ته ان بعد اهي وار ٻيهر اڀري ايندا آهن، ۽ انهن وارن کي ختم ڪرڻ لاءِ ڊاڪٽرن وٽان اهو ليزر علاج 6 کان 8 ڀيرا ڪرائڻو پوندو آهي.
پر هڪ فيشل ايڪسپرٽ ڇوڪريءَ پنهنجي چهري تان سڀ وار سستي شئي سان ئي هٽائي ڇڏيا.
اهڙيون وڊيوز به يوٽيوب تي جاري ڪيون وينديون آهن انهن ۾ ٻيو سڀ ته ڏيکايو ويندو آهي پر اها اهم شئي ناهي ٻڌائي ويندي، ته اهي وار نيٺ ڪهڙي طريقي سان ه هٽايا ويا؟ ته پوءِ ڄاڻي وٺو ته اهو طريقو سولو آهي.
چهري جا اضافي وار ختم ڪرڻ لاءِ اوهان کي ڪارا مرچ، جو جو اٽو، سرڪو، وڪس گلو، بيسڻ ۽ هيڊ گهربل هوندي.
انهن سڀني شين کي چڱيءَ طرح ملائي هڪ پيسٽ ٺاهيو ۽ ان کي منهن تي لڳايو ۽ پوءِ وارن جي ابتڙ ان کي مهٽيو، اهو عمل هفتي ۾ 3 ڀيرا ڪريو ۽ ڪجهه مهينن ۾ ئي نتيجا نڪري ايندا.