انسٽاگرام جو ” پوسٽ دي پاسٽ “ فيچر ڇا آهي ۽ ڪيئن ڪم ڪري ٿو؟

انسٽاگرام ۾ هڪ دلچسپ فيچر ” پوسٽ ٽو دي پاسٽ “ جي ٽيسٽنگ جاري آهي، جنهن ذريعي اوهان پنهنجي پوسٽ کي ماضيءَ جي تاريخن ۾ پوسٽ ڪري سگهندا، هي فيچر فلحال بيٽا ورجن ۾ دستياب آهي.
هڪ رپورٽ موجب، هي فيچر انسٽاگرام کي شيئر مينيو ۾ بوسٽ پوسٽ جي مٿان موجود هوندو.
پوسٽ ٽو دي پاسٽ تي ڪلڪ ڪرڻ کانپوءِ واهپيدار ماضي جي ڪنهن تاريخ ۾ پوسٽ کي شيڊيول ڪري سگهندو.
جيئن انسٽاگرام ۾ پوسٽون شيڊيول ڪيون وينديون آهن، هي به اهڙي قسم جو طريقو آهي، پر ان ۾ ڪئلينڊر تي اڳتي بدران پوئتي وڃڻو پوندو.
فلحال اِهو واضح ناهي ڪيو ويو ته نئون فيچر ڇو متعارف ڪرايو پيو وڃي نه ئي اِها ڄاڻ آهي ته اڄ جي تصوير ماضيءَ ۾ پوسٽ ڪرڻ بابت ٻين ماڻهن کي علم هوندو يا ان کي ڳجهو رکيو ويندو.
هي واحد فيچر ناهي جنهن جي آزمائش انسٽاگرام تي ڪئي پئي وڃي، انسٽاگرام طرفان جلد ئي ڊائريڪٽ ريت پيغام ذريعي فائلز شيئرنگ جي سهولت به واهپيدارن کي فراهم ڪئي ويندي.
ان کانسواءِ انسٽاگرام ۾ فرينڊ ميپ نالي فيچر جو واڌارو ڪيو پيو وڃي جنهن جي مدد سان واهيپدارن کي رئيل ٽائيم لوڪيشن دوستن سان ونڊڻ جو موقعو ملندو .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.