ڪرڪيٽ قانونن جي ڀڃڪڙي، سعود شڪيل ۽ ابرار احمد خلاف ڪارروائي

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز جي ابرار احمد ۽ سعود شڪيل تي ميچ فيس جو پنج سيڪڙو ڏنڊ مڙهيو ويو آهي.
گذريل رات ڪراچي جي نيشنل بئنڪ اسٽيڊيم ۾ اسلام آباد يونائيٽڊ جي ميچ دوران ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز جي ابرار احمد ۽ سعود شڪيل کي ظابطا اخلاق ليول 1 جي ڀڃڪڙي ۾ ملوث قرار ڏيندي مٿن ميچ فيس جو پنج سيڪڙو ڏنڊ هنيو ويو.
ابرار احمد کي ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ جي آرٽيڪل 2.4 جي ڀڃڪڙي تحت ڏنڊ هنيو ويو، هن ميچ جي 19 هين اوور ۾ امپائر جي حڪمن کي نظر انداز ڪيو هو.
ميچ دوران سعود شڪيل به ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ جي آرٽيڪل 2.5 جي ڀڃڪڙي ڪئي، 12 هين اوور ۾ اسلام آباد يونائيٽڊ جي بيٽر سلمان علي آغا کي آئوٽ ڪرڻ کانپوءِ سعود شڪيل سلمان جي ويجهو ويو غلط ٻولي استعمال ڪئي.
ٻنهي ڪرڪيٽرن الزامن جو اعتراف ڪندي ميچ ريفري محمد جاويد طرفان تجويز ڪيل پابندي قبول ڪري ورتي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.