آءِ ايم ايف آفيس ٻاهران احتجاج پي ٽي آءِ نه ڪرايو: بئريسٽر گوهر

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو آهي ته آءِ ايم ايف کي خط ۾ ڪٿي ناهي لکيو ته پاڪستان کي امداد نه ڏيو، رڳو صاف شفاف چونڊن جو واعدو ياد ڏياريو، جڏهن ته آءِ ايم ايف آفيس ٻاهران پي ٽي آءِ احتجاج نه ڪرايو.
اڊيالا جيل ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي بئريسٽر گوهر چيو ته اليڪشن ڪميشن اسان جي عورتن جي ريزرو سيٽن جي اسڪروٽني نه ڪرائي هئي، اليڪشن کانپوءِ مجبوري ۾ اسان کي ٻي سياسي جماعت کي جوائن ڪرڻو پيو، پي ٽي آءِ نظرياتي جي چيئرمين کي کڻي ڊيڄاريو ڌمڪايو ويو.
سندس موجب اسد قيصر ڪڏهن نه چيو ته فلسطين جي حق ۾ ٺهراءُ پيش ٿيڻ نه ڏينداسين، اها غلط فهمي آهي، جيڪا شايد گوڙ سبب ٿي، اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته جمهوريت تي ايمان مضبوط هجي ۽ اليڪشن پراسيس ۾ پئسو نه هلي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.