آئين موجب اين ايف سي ايوارڊ ۾ صوبن جو حصو نٿو گهٽائي سگھجي : وڏو وزير

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته سينيٽ جو ووٽ ڳجهو هوندو آهي، بجيٽ ۾ پارٽي پاليسي موجب ووٽ نه ڏيڻ تي ميمبر کي هٽائي سگهجي ٿو. منهنجي خواهش آهي ته سينيٽ جون 12 ئي سيٽون ملن
ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ايم ڪيو ايم به نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا آهن، سينيٽ اميدوارن کي کٽرائڻ اسيمبلي ميمبرن جي ذميواري هوندي آهي، جنرل سيٽن تي 9 نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا آهن
هن چيو ته ووٽرز جي مرضي هوندي آهي جنهن کي وڻي ووٽ ڏين، لڳي ٿو ته پي ٽي آءِ وٽ سياستدانن جي کوٽ ٿي وئي آهي، امن امان جي صورتحال لاءِ ڪالهه ڪجهه مقرريون ۽ بدليون ڪيون ويون.
سندس چوڻ هو ته گھرو وزارت جي تجويز تي مقرريون ۽ بدليون ڪيون آهن، امن امان جي صورتحال جلد بهتر ٿي ويندي.
هن چيو ته آئين موجب اين ايف سي ايوارڊ تحت صوبن جو حصو نٿو گھٽجي سگھي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.