ميٿيو ويڊ جو ڊگهي فارميٽ واري ڪرڪيٽ ڇڏڻ جو اعلان

ڪينبرا ( ويب ڊيسڪ ) آسٽريلوي وڪيٽ ڪيپر بيٽر ميٿيو ويڊ ڊگهي فارميٽ واري ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ميٿيو ويڊ وائيٽ بال ڪرڪيٽ جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي جڏهن ته هو ريڊ بال ڪرڪيٽ يعني ٽيسٽ ڪرڪيٽ کان ڌار ٿي ويو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، شيفلڊ شيلڊ ٽرافي جو فائنل ميٿيو ويڊ جي فرسٽ ڪلاس ڪيريئر جي آخري ميچ هوندي.
ٻئي پاسي ميٿيو ويڊ آمريڪا ۽ ويسٽ انڊيز ۾ شيڊيول ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ اسڪواڊ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ پراميد آهي.
سندس چوڻ آهي ته وائيٽ بال ڪرڪيٽ ۾ خاص طور تي بي بي ايل ۾ زبردست ڪارڪردگي ڏيکارڻ چاهيان ٿو، ريڊ بال فارميٽ تان رٽائرمينٽ کانپوءِ پاڻ مضبوط رکڻ جو موقعو ملندو.
واضح رهي ته ميٿيو ويڊ 2012ع کان 2021ع تائين 36 ٽيسٽ ميچن ۾ آسٽريليا جي نمائندگي ڪئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.