ايپل ٿرڊ پارٽي ايپس کولڻ لاءِ تيار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سائيڊ لوڊنگ يعنيٰ ايپ اسٽور کان ٻاهر ٿرڊ پارٽي ايپس کي انسٽال ڪرڻ جي سهولت اينڊرائيڊ واهپيدارن وٽ ته آهي پر هاڻي ايپل فونز ۾ به اها سهولت اچڻ واري آهي.

رپورٽ موجب يورپين يونين اي يو سان قانون سازي بعد ايپل پنهنجي سائيڊ لوڊنگ پاليسي تي لڳل پابنديون نر۾ ڪرڻ تي نظرثاني ڪندو.

ايپل طرفان ويب ڊسٽريبيوشن نالي نئين پروگرام جي شروعات ڪئي ويندي جنهن تحت ايپ ڊيولپلرز کي ان ڳالهه جي اجازت ڏني ويندي ته هو پنهنجي ايپ ايپل اسٽور بدران سڌي ريت ويب سائيٽ تي پيش ڪن.

ان تبديلي کانپوءِ آءِ او ايس واهپيدارن واهپيدار ويب ذريعي ٿرڊ پارٽي ايپليڪشن انسٽال ڪري سگهندا.

خيال رهي ته اها نرمي رڳو يورپي يونين ملڪن جي حوالي سان ڪئي وئي آهي جڏهن ته ان حوالي سان ايپل جون ڪجهه هدايتون به آهن.

ان سلسلي ۾ يورپي يونين ڊيولپرز کي ايپل ڊيولپر پروگرام ۾ هر صورت ان رول ٿيڻو پوندو جڏهن ته ايپ ڊائون لوڊ جي اجازت رڳو ايپ اسٽور ڪونيڪٽ جي رجسٽر ڊومين تحت ٿيندي.

ان کانسواءِ ڊيولپرز کي ان ڳالهه جي خاطري ڪرائڻي پوندي ته هو واهپيدارن جي ڊيٽا ڪيئن استعمال ڪندا ۽ حڪومتي معاملن کي ڪيئن هينڊل ڪندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.