ڪرينا ڪپور سان هڪ طرفي محبت ڪريان ٿو: ساٿي اداڪار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي اداڪار وجي ورما انڪشاف ڪيو آهي ته سندس دل ۾ ڪرينا ڪپور لاءِ هڪ طرفي محبت آهي.

فلم جانِ جان ۾ ڪرينا ڪپور سان ڪم ڪرڻ کانپوءِ هاڻي وجي ورما سندس وڏي ڀيڻ ڪرشما ڪپور سان هدايتڪار هومي اڊاجانيا جي ايندڙ فلم مرڊر مبارڪ ۾ اداڪاري ڪندي نظر ايندو.

پنهنجي انٽرويو ۾ هن انڪشاف ڪيو ته هو ڪرينا ڪپور سان هڪ طرفي محبت ڪري ٿو.

وجي ورما چيو ته فلم جانِ جان ۾ ماڻهن ڪرينا لاءِ منهنجي محبت ڏٺي، اها سندس موتمار ڪشش آهي ۽ مون کي ڪرينا لاءِ هڪ طرفي محبت آهي.

هن وڌيڪ چيو ته هي اهو پيار آهي جنهن ۾ اوهان پري کان ڪنهن شخص کي چاهيندا آهيو، ٻئي پاسي ڪرشما سان مان وڌيڪ وقت گذاريو آهي ۽ اسان سٺا دوست بڻجي ويا آهيون، اسان وچ ۾ سٺي دوستي ۽ پيار آهي، مان سندس مداح ٿي رهيو آهيان.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.