ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ، ڪرڪيٽ شوقينن لاءِ وڏي خوشخبري

دبئي ( ويب ڊيسڪ ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ( آءِ سي سي ) هلندڙ سال ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ جي واڌو ٽڪيٽن جو اعلان ڪري ڇڏيو.
آءِ سي سي موجب، ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ جي سيمي فائنل سميت تيرنهن ميچن جي واڌو ٽڪيٽن جو وڪرو 19 مارچ کان شروع ٿيندو.
پاڪستان جي آئرلينڊ ۽ آمريڪا خلاف ميچ جون ٽڪيٽون به وڪرو لاءِ پيش ڪيون وينديون.
آءِ سي سي جو چوڻ آهي ته ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ جي 55 مان 51 مقابلن جون ٽڪيٽون وڪرو لاءِ پيش ڪيون ويون آهن.
آءِ سي سي موجب، شروعاتي طور اضافي ٽڪيٽن جي وڪرو ۾ ويسٽ انڊيز ۽ نيويارڪ اسٽيڊيم جي هاسپيٽلٽي پئڪيجز جو وڪرو پڻ شامل آهي.
آءِ سي سي جو چوڻ آهي ته آمريڪا جي گرينڊ پريري اسٽيڊيم ۽ بروورڊ ڪائونٽي اسٽيڊيم جي پئڪيجز جي وڪرو جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو.
آءِ سي سي موجب، ٽڪيٽن جي گهٽ ۾ گهٽ قيمت چهه ڊالرز جڏهن ته وڌ کان وڌ 35 ڊالرز رکي وئي آهي، ٽڪيٽس بيلٽنگ ۾ هنيئر تائين هڪ ڪروڙ ٽيهه لک کان وڌيڪ درخواستون ملي چڪيون آهن.
واضح رهي ته آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ هلندڙ سال جون ۾ آمريڪا ۽ ويسٽ انڊيز جي گڏيل ميزباني تحت کيڏيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.