عمرو ۽ اعتڪاف ڪري چڪي آهيان، ڏيکاءُ پسند نه آهي: ڪبريٰ خان

ڪراچي (ويب ديسڪ) اداڪارا ڪبريٰ خان چيو ته هوءَ ٽي ڀيرا اعتڪاف ۾ ويهي چڪي آهي ۽ عمرو ڪري چڪي آهي پرعمري ۽ اعتڪاف کي سوشل ميڊيا تي شيئر ڪرڻ بدران نجي رکڻ پسند ڪندي آهيان.
ڊجيٽل انٽرويو دوران اداڪارا پاڻ تي ٿيل تنقيد بابت ٻڌايو ويو ته 3 ڀيرا اعتڪاف ۾ ويهي چڪي اهيان، جڏهن اعتڪاف مان اٿيس ته اهو ٻڌي گھڻو پرجوش ٿي رهي هيس ته ڏس تنهنجي چهري تي نور آيو آهي، هڪ ڀيرو جڏهن اعتڪاف ۾ ويٺس ته منهنجي پيرن ۾ مهندي لڳل هئي، ان کان اڳ آئون نيل پالش مهيني ڏيڍ مهيني کان پوءِ لڳائي هئي، پر ماڻهن مون کي شوبز انڊسٽري جو سوچي چيو ته ڏسو ڪبريٰ اعتڪاف ۾ نيل پالش لڳائي هئي ۽ ان وقت آئون واضح ڪيو ته منهنجن پيرن ۾ نيل پالش نه آهي اها مهندي آهي.
عمري جي حوالي سان ڳالهائيندي اداڪارا ٻڌايو ته جڏهن آئون عمري تي ويس ته ۽ موٽي آيس ته گھڻن ماڻهن مون کي واڌايون ڏنيون ۽ پيغام موڪليا جڏهن ته آئون عمري جي حوالي سان ڪا به پوسٽ نه لڳائي هئي پر اتي هڪ مداح مون سان گڏ تصوير ڪڍي ۽ پوءِ اُها وائرل ٿي وئي جنهن کان پوءِ مون کي عمري جون واڌايون اچڻ لڳيون.
ڪبريٰ خان چيو ته هڪ ڇوڪري جيڪا هن ئي انڊسٽري سان واسطو رکي پئي ان مون کي چيو ته ڪهڙا ڪهڙا ماڻهو عمري تي وڃي رهيا آهن، پوءِ آئون چيو ته الله گھرائيندو آهي عمري تي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.