يسريٰ بتول جو قتل ڪيس داخل، فريادي ڇا ڄاڻايو؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) حيدرآباد ۾ جوابدار پاران رشتو نه ڏيڻ تان قانون جِي شاگردياڻيءَ کي قتل ۽ سندس ڀاءُ کي زخمي ڪرڻ کانپوءِ آپگهات ڪرڻ واري واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو.

مقتولا يسرا بتول جَي ڀاءُ عمير پٺاڻ جِي فرياد تي چيڪ پوسٽ نسيم نگر-قاسم آباد تي ارشاد کوکر ۽ اڻڄاتل ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو.

فريادي عمير پٺاڻ ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو آهي ته ڪجهه وقت اڳ عمير ٻن عورتن ۽ هڪ مرد سان گڏ گهر اچي ڀيڻ جو رشتو گهريو هو جنهن کي انڪار ڪيو ويو هو.

هن چيو ته سخت لهجي سبب رشتي کان صاف انڪار ڪيو هو، جنهن تي گڏ آيل ماڻهو ارشاد کوکر ضدي ۽ ڏنگو ماڻهو هجڻ جو چئي هليا ويا.

سندس چوڻ هو ته ارشاد رشتي کان انڪار ڪرڻ تي ٽن چئن ماڻهن سان هم صلاح تي سندس ڀيڻ کي قتل ۽ ڀاءُ کي زخمي ڪرڻ کانپوءِ آپگهات ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.