صنم سعيد کي پنهنجي نالي کان چڙ ڇو آهي؟

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ) مشهور پاڪستاني اداڪار، ماڊل ۽ ڳائڻي صنم سعيد چيو آهي ته هن کي پهريان پنهنجو نالو نه وڻندو هو ۽ هوءَ پريشان ٿي ويندي هئي.
اداڪارا ويجهڙ ۾ هڪ ٽاڪ شو ۾ مهمان طور شرڪت ڪئي جنهن جو ميزبان سندس مڙس محب مرزا هو، شو دوران محب گهرواري کان سوال ڪيو ته ماضيءَ ۾ اوهان کي پنهنجي نالي کان چڙ هئي، ان جو ڪهڙو سبب هو؟
جواب ۾ اداڪارا چيو ته منهنجو نالو اٽڪل هر ڀارتي گيت ۾ شامل هوندو هو، هر ڪو منهنجي نالو کڻي گيت ڳائيندو هو انڪري پنهنجو نالو اصل نه وڻندو هو.
ان دوران محب مرزا کلندي چيو ته رڪشن جي پٺيان به اوهان جو نالو ” ميري صنم “ لکيل هوندو آهي.
صنم ان ڳالهه تي چيو ته رڪشن جي پٺيان، هر هنڌ سندس نالو استعمال ڪيو ويندو هو، جنهنڪري نالي کان چڙ هوندي هئي پر هاڻي پنهنجو نالو سٺو لڳندو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.