وفاقي اردو يونيورسٽي ۾ عورتن جي ڏهاڙي تي تقريب

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اردو يونيورسٽي گلشن اقبال ڪيمپس ۾ شاگردياڻين لاءِ هراسگي ۽ خطرن کان بچاءَ بابت حفاظتي ٽريننگ ڪرائي وئي. اسٽوڊنٽ ايڊوائزر آفيس عورتن جي ڏهاڙي جي موقعي تي سروائول ڪمبيٽو سسٽم ۽ هيلپ انٽرنيشنل ويلفيئر ٽرسٽ جي ڀائيواري سان پروگرام ڪرايو. هيلپ انٽرنيشنل ويلفيئر ٽرسٽ جي نمائندي اشتياق خان عورتن جي ڪردار جي ساراهه ڪئي. مس فائقا شاگردياڻين کي مفت ٽريننگ بابت آگاهه ڪيو. ان موقعي تي پروفيسر ڊاڪتر محمد زاهد به موجود هو.

ڊاڪٽر روبينا مشتاق چيو ته عورتن کي اڳتي وڌڻ ۾ ڪيترائي مسئلا پيش اچن ٿا پر انهن سڀني جي باوجود هو هر ميدان ۾ پنهنجو پاڻ مڃرائي رهيون آهن. تقريب جي خاص مهمان وائيس چانسلر ڊاڪٽر ضابطا خان شنواري عورتن کي هر ميدان ۾ اڳتي وڌڻ جا برابر موقعا ڏيڻ تي زور ڏنو ۽ ان ڳالهه جي عزم جو اظهار ڪيو ته يونيورسٽي ۾ موجود شاگردياڻين کي هر قسم جو تحفظ ڏنو ويندو. هن چيو ته يونيورسٽي ۾ ايندڙ هر نياڻي کي تحفظ سان اڳتي وڌڻ جا برابر موقعا ڏنا ويندا. پڄاڻي تي اسٽوڊنٽ ايڊوائيزر ڊاڪٽر سعديهه خليل سڀني شرڪت ڪندڙن جا ٿورا مڃيا ۽ مهمانن کي شيلڊ پيش ڪئي. ان موقعي تي وي سي پروفيسر ڊاڪٽر ضابطا خان شنواري جي اڳواڻي ۾ واڪ به ڪئي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.