آصف زرداري صدر بڻيو ته مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ هم آهنگي هوندي: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته خيبر پختونخواهه اسان جو پنهنجو صوبو آهي، ڪوشش هوندي ته گڏجي هلون، اتفاق راءِ سان وفاق ۾ حڪومت قائم ٿي آهي، عوام جي فيصلي جو سڀني کي احترام ڪرڻ گهرجي.
وزيراعظم شهباز شريف قومي اسيمبلي ميمبرن جي مان ۾ ڊنر جو اهتمام ڪيو، جنهن ۾ اتحادي جماعتن جا سربراهه، اڳواڻ، سينيٽر ۽ چونڊيل ميمبر شريڪ ٿيا.
اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي وزيراعظم پاڻ آجيان ڪئي، جڏهن ته سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي، بي اي پي صدر خالد مگسي، سينيٽر منظور ڪاڪڙ، ايم ڪيو ايم پاڪستان جو ڪنوينر خالد مقبول صديقي، آءِ پي پي اڳواڻ عون چوڌري، سينيٽر اسحاق ڊار ۽ ٻيا به وزيراعظم هائوس پهتا.
ان موقعي تي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته آصف زرداري اسان جو گڏيل صدارتي اميدوار آهي، سموريون اتحادي جماعتون گڏجي ملڪ کي مسئلن مان ڪڍنديون، ڪي پي ۾ جنهن کي مينڊيٽ مليو آهي، اسان ان جو احترام ڪيون ٿا.
هن چيو ته خيبر پختونخواهه اسان جو پنهنجو صوبو آهي، ڪوشش هوندي ته گڏجي هلون، ملڪ ۽ قوم جي تقدير تبديل ڪنداسين، اتفاق راءِ سان وفاق ۾ حڪومت قائم ٿي آهي، عوام جي فيصلي جو سڀني کي احترام ڪرڻ گهرجي.
سندس چوڻ هو ته آصف زرداري ٻن ٽن ڏينهن ۾ صدر چونڊجي ويندو، دلي شاهدي ڏيان ٿو ته آصف زرداري صدر بڻيو ته مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ هم آهنگي هوندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.