پاڪستان ۾ سوشل ميڊيا تي پابنديون قبولڻ جوڳيون نه آهن: آمريڪا

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ٿيل عام چونڊن ۾ ڌانڌلي جي جاچ، آءِ ايم ايف سان ڳالهين ۽ سوشل ميڊيا جي بندش بابت سوالن تي آمريڪا جو رد عمل سامهون آيو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿيلو ملر کان هفتيوار پريس بريفنگ ۾ هڪ صحافيءَ سوال ڪيو ته آمريڪا جي 30 اسيمبلي ميمبرن صدر بائيڊن کي ۽ اوهان جي وزارت کي پاڪستاني چونڊن ۾ ڌانڌلي جي الزامن جي جاچ ڪرائڻ تائين نئين حڪومت کي تسليم نه ڪرڻ بابت خط لکيو هو.
صحافي پنهنجي ڳالهه جاري رکندي پڇيو ته چونڊن ۾ ڌانڌلي جي مطالبي تي برقرار رهڻ بدران آمريڪا پاڪستان جي نئين حڪومت کي واڌايون ڏنيون آهن ته اڇا ان جو مطلب اهو آهي ته آمريڪا پاڪستان سان چونڊن ۾ ڌانڌلي جي مطالبي کان پوئتي هٽي ويو آهي.
جنهن تي آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿيو ملر چيو ته پهريان ڳالهه اها ته پاڪستان ۾ اليڪشن ڪافي مسابقتي هئي. ڪروڙين ماڻهن پنهنجي راءِ جي حق جو استعمال ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ نئين حڪومت ٺهي ۽ اسان يقينن ان حڪومت سان گڏجي ڪم ڪنداسين.
ميٿيو ملر چيو ته ٻي ڳالهه اها ته اليڪشن ۾ بيضابطگين جا به اطلاع آهن. سياسي جماعتن پاران مختلف تڪن جي نتيجن کي ٽربيونلز ۾ چئلينج ڪيو ويو آهي ۽ اسان انهن بيضابطگين جي مڪمل جاچ ڏسڻ چاهيون ٿا.
هڪ ٻئي صحافي ترجمان کان سوال ڪيو ته پاڪستان ۾ اظهار جي آزادي تي گذريل ڪيترن ئي مهينن کان حملو ٿي رهيو آهي. تازو ئي پاڪستاني سينيٽ جي هڪ ميمبر سوشل ميڊيا تي پابندي جو مطالبو ڪندي ٺهراءُ پيش ڪيو هو. ڇا اوهان ان تي ڪو تبصرو ڪندا؟
آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته آمريڪا سڄي دنيا جيان پاڪستان ۾ به اظهار راءِ جي آزاديءَ جي حمايت ڪري ٿو. سوشل ميڊيا تي پابنديون قبولڻ جوڳيون نه آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.