ايرن هالينڊ جو رڪشي تي سنڌ جي راڄڌاني جو سير، تصويرون وائرل

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان سپر ليگ جي نائين ايڊيشن جي ميزبان ايرن هالينڊ جون ڪراچي جي روڊن تي رڪشا ۾ سفر ڪرڻ جو تصويرون وائرل ٿي ويون.
آسٽريلوي ڪرڪيٽر بين ڪٽنگ جي گهرواري ۽ 2013ع ۾ مس ورلڊ جو ٽائٽل کٽيندڙ ايرن پي ايس ايل جا ڪيئي سيزن ڪور ڪري چڪي آهي، ان دوران سندس مشرقي انداز تي کيس تمام گهڻي شهرت ملي آهي.

 

View this post on Instagram

 

A post shared by ERIN HOLLAND (@erinvholland)


هن ڀيري پاڪستان سپر ليگ جي نائين ايڊيشن دوران ڪراچيءَ پهچڻ کانپوءِ ايرن هالينڊ ميچن ۾ جتي پريزينٽر جا فرض نڀائيندي نظر آئي اتي ڪراچيءَ جي روڊن تي هلندڙ عام سواري ۾ سفر ڪرڻ کانسواءِ نه رهي سگهي.
ايرن انسٽاگرام اڪائونٽ تي ڪراچي جي روڊن تي رڪشا ۾ سفر جون تصويرون شيئر ڪيون .
ايرن ڪيپشن ۾ لکيو ته ” اچو ته هلون “ جنهن کانووءِ سندس تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويون، جنهن تي ڪرڪيٽ توڙي مختلف شعبن سان واسطو رکندڙ ماڻهو دلچسپ تبصرا ڪري رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.