عامر جمال جي مزاحمت ڪم نه آئي، اسلام آباد هٿان پشاور کي شڪست

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ جي 20هين ميچ ۾ اسلام آباد يونائيٽيڊ پشاور زلمي کي 29 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
راولپنڊي ۾ اسلام آباد يونائيٽيڊ طرفان مليل 197 رنسن جي هدف جي جواب ۾ پشاور زلمي جي ٽيم مقرر اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 167 رنسون ٺاهي سگهي.
پشاور طرفان عامر جمال مزاحمتي اننگز کيڏي، هن 49 بالن تي 8 چوڪن ۽ 6 ڇڪن جي مدد سان 87 رنسون ٺاهيون پر پنهنجي ٽيم کي شڪست کان نه بچائي سگهيو.
پال والٽر 33 ۽ ٽام ڪولر ڪيڊمور 12 رنسون ٺاهيون، ٻين مان ڪو ڊبل فگر ۾ به نه پهتو.
اسلام آباد طرفان ڪپتان شاداب خان 3، رومان رئيس ۽ حنين شاهه 2-2، جڏهن ته نسيم شاهه هڪ وڪيٽ ورتي.
ان کان اڳ اسلام آباد ٽاس هارائڻ کانپوءِ دعوت ملڻ تي پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر اوورن ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي 196 رنسون ٺاهيون.
اسلام آباد جي ڪپتان شاداب خان 51 بالن تي 80 رنسن جي اننگز کيڏي، آغا سلمان 37، اعظم خان 29، جارڊن ڪوڪس 26 رنسن سان اڳڀرا رهيا.
پشاور طرفان صائم ايوب 2، ليوڪ ووڊ ۽ سلمان ارشاد هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.