شاگردن لاءِ سهولت، انٽر بورڊ ڪراچي فارم ڀرائڻ جي تاريخ وڌائي ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اعليٰ ثانوي تعليمي بورڊ ڪراچي شاگردن جي مفاد ۾ انٽرميڊيٽ حصو ٻيو (فريش) جي سالياني 2024 جي امتحانن ۾ شرڪت جي خواهشمند سائنس پري ميڊيڪل، پري انجنيئرنگ، سائنس جنرل ۽ هوم اڪنامڪس گروپس جي سرڪاري تعليمي ادارن جي اهل ريگيولر اميدوارن لاءِ امتحاني فارم ۽ فيس جمع ڪرائڻ جي تاريخن ۾ واڌ ڪري ڇڏي.
ڄاڻايل گروپ جا اميدوار پنهنجا امتحاني فارم جمعو 8 مارچ 2024 کان اربع 20 مارچ 2024 تائين پنهنجي تعليمي ادارن ۾ جمع ڪرائي سگهن ٿا.
سرڪاري ڪاليج ۽ هائير سيڪنڊري اسڪول اهي امتحاني فارم خميس 21 مارچ 2024 تائين پنهنجي نمائندن ذريعي انٽر بورڊ آفيس ۾ جمع ڪرائڻ جا پابند هوندا.
هلندڙ سال 2024 ۾ به سنڌ جي وڏي وزير جي هدايت تي سڀني سرڪاري ڪاليجن ۽ هائير سيڪنڊري اسڪولن جي انهن شاگردن جي فيس معاف ڪئي وئي آهي، جيڪي پهريون ڀيرو انٽرميڊيٽ (حصو ٻيو) جي امتحانن ۾ شرڪت ڪري رهيا آهن، تنهن ڪري سرڪاري تعليمي ادارن ۾ شاگرد بنا ڪنهن فيس جي امتحاني فارم جمع ڪرائي سگهن ٿا.
سرڪاري تعليمي ادارن کي جمع ڪرايل امتحاني فارمز جي فهرست به تعليمي ادارن جي سربراهه جي صحيح سان گڏ جمع ڪرائڻي پوندي.
امتحاني فارم اعليٰ ثانوي تعليمي بورڊ ڪراچي جي آفيشل ويب سائيٽ [email protected] تان به ڊائون لوڊ ڪري سگهجن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.