آرمي چيف ۽ بلاول جي خوشگوار موڊ ۾ ملاقات

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل عاصم منير پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات ڪئي.
ايوان صدر اسلام آباد ۾ وزيراعظم شهباز شريف جي حلف برداري تقريب ٿي، جنهن ۾ نگران وزيراعظم، سينيٽ چيئرمين، قومي اسيمبلي اسپيڪر، ن ليگ قائد نواز شريف، اڳوڻي صدر آصف زرداري، چئني گورنرن، چئني وڏن وزيرن سميت اعليٰ عسڪري ۽ سول قيادت شرڪت ڪئي.
آرمي چيف به تقريب ۾ شريڪ ٿيو ۽ سندس آمد تي پاڪستان زنده آباد جا نعرا هنيا ويا.
آرمي چيف پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان هٿ ملايو ۽ ٻنهي کلي ڳالهايو، ان موقعي تي صدارتي اميدوار آصف زرداري به پويان مسڪرائيندي نظر آيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.