شهبازشريف ٻيو ڀيرو وزيراعظم چونڊجي ويو،اپوزيشن کي ميثاق معيشت ۽ مفاهمت جي دعوت

اسلام آباد(بيورو+م ڊ)قومي اسيمبلي مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف کي 16 هون قائد ايوان ۽ ملڪ جو 24 هون وزيراعظم چونڊي ڇڏيو،شهبازشريف ٻيو ڀيرو ملڪ جو وزيراعظم ٿيو آهي، قومي اسيمبلي ۾  وزيراعظم جي چونڊ جي نتيجن جو اعلان ڪندي اسپيڪر قومي اسيمبلي سردار اياز صادق چيو ته شهباز شريف 201 ووٽ کڻي پاڪستان جو وزيراعظم چونڊجي ويو جڏهن ته سندس مخالف اميدوار عمر ايوب خان 92 ووٽ حاصل ڪيا.ان کان اڳ اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي جو اجلاس شروع ٿيندي ئي سني اتحاد ڪائونسل جي ميمبرن اسپيڪر جي ڊائس آڏو احتجاج شروع ڪيو پر بعد ۾ پنهنجي سيٽن تي وڃي ويهي رهيا.

اسلام آباد(بيورو+م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف مخالف ڌر کي ميثاق معيشت ۽ ميثاق مفاهمت جي دعوت ڏيندي چيو ته اسيمبلي ۾ گوڙ  بدران شعور جو راڄ هئڻ گهرجي،  وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته اسان  ڪڏهن به بدلي جي سياست جو سوچيو به نه آهي، اسان جو مشن پاڪستان کي پيرن تي بيهارڻ آهي، پيش ايندڙ چيلنجز کي گڏجي منهن ڏئي سگهون ٿا.وزيراعظم بنجڻ کان پوءِ شهباز شريف قومي اسيمبلي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته اسان جي قيادت ۽ اسان هميشه صبر جو مظاهرو ڪيو. اسان ڪڏهن به بدلي جي سياسي جو سوچيو به نه آهي. نوازشريف جي حڪومت جو 3 ڀيرا تختو اونڌو ڪيو ويو پر هن پاڪستان جي مفادن خلاف ڳالهيون ڪرڻ جو سوچيو به نه.شهباز شريف چيو ته  محترمه بينظير ڀٽو شهيد ٿي ته اڳوڻي صدر آصف علي زرداري به چيو ته پاڪستان کپي، نوازشريف، آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري ڪڏهن به پاڪستان جي مفادن خلاف ڳالهيون نه ڪيون. هن چيو ته پي ٽي آءِ جو نمبر آيو ته سموري اپوزيشن کي جيلن ۾ وڌو ويو. عورتن ۽ ٻارن لاءِ انتهائي ڪريل لفظ استعمال ڪيا ويا. پاڪستان جي فوج خلاف زهر اوڳاڇيو ويو، 9 مئي تي رياستي ادارن تي حملا ڪيا ويا، 9 مئي سانحي ۾ ملوث ڏوهاري هر صورت ۾ قانون کي منهن ڏيندا جيڪي ماڻهو ڏوهاري نه آهن انهن کي نقصان نه پهچندو. هن چيو ته سمورن ظلمن باوجود نواز شريف، آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو ڪڏهن به پاڪستان کي نقصان پهچائڻ جو نه سوچيو.ميان شهباز شريف جي خطاب دوران سني اتحاد ڪائونسل جا ميمبر احتجاج ڪندا رهيا ۽ چور چور جا نعرا لڳائيندا رهيا. شهباز شريف چيو ته آءِ ايم ايف کي خط لکڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي، خط لکڻ جو مطلب آهي ته اوهان کي پنهنجي آئيني ادارن ۽ پارليامينٽ تي ڀروسو نه آهي، ان کان وڌيڪ ملڪ دشمني ڪهڙي هوندي، اچو ويهي  گڏجي مشاورت ڪريون ۽ بهتر چونڊ نظام قائم ڪريون.نئين چونڊيل وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته اسان کي هڪ ٻيو وڏو چئلينج درپيش آهي بجلي جي اگهن ۾ اوچتو واڌ، بجلي تي گردشي قرض 2300 ارب رپيا ادا ڪيو ويو آهي. ”بجلي جي قيمت ورهائي وڃي ٿي، پر وصولي رڳو 2800 ارب رپيا آهي، ڊالر ٺاهيا وڃن ٿا.هن چيو ته اسان اهو بار برداشت نٿا ڪري سگهون ۽ ان جو سبب خراب حڪمراني آهي، اسان ان سموري رقم سان سنڌ، بلوچستان، خيبرپختونخواهه، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير ۾ درجنين نوان تعليمي ادارا ۽ اسپتالون ٺاهي سگهون ٿا. ”اسٽيٽ لاڳو ڪري سگهجي ٿو، دوائون غريبن ۽ مسڪينن ۾ مفت ورهائي سگهجن ٿيون.هن وڌيڪ چيو ته اسان جي ملڪ ۾ 500 کان 600 ارب رپين جي بجلي چوري ٿئي ٿي، مان واچ جي چوري جي نه بجلي چوري جي ڳالهه پيو ڪريان، ايوان ۾ گوڙ بدران شعور جو راڄ هئڻ گهرجي،اهڙي طرح ملڪ ۾ گئس جو قرض 2900 ارب رپين تائين پهچي ويو آهي ۽ ان جو سبب مهانگي ايل اين جي، گئس جي ورڇ جو نظام ۽ گئس جي چوري، بجلي جي چوري ۽ ٽيڪس چوري هن ملڪ ۽ ان جي عوام لاءِ موت جو مسئلو آهي.هن چيو ته بجلي ۽ گئس جي چوري جو سمورو بار هن ملڪ جي غريب عوام تي پئجي رهيو آهي.شهباز شريف چيو ته مان اڄ هتي اهو چوڻ چاهيان ٿو ته اسان هن ڪينسر کي جڪڙينداسين ۽ هن ملڪ کي پنهنجي پيرن تي بيهارينداسين، اسان جي عملن ۽ محنتن جا اثر هڪ سال اندر ظاهر ٿيڻ شروع ٿي ويندا ۽ اسان هن ملڪ کي خوشحالي ڏانهن وٺي وڃڻ جي قابل ٿي وينداسينهن وڌيڪ چيو ته اسان چئن صوبن کي گڏ کڻي هلنداسين، چار صوبا پاڪستان آهن ۽ مان واعدو ڪريان ٿو ته سڀني کي گڏ کڻي هلنداسين.وزيراعظم چيو ته عدالتي نظام جي موجوده شڪل دير جو سبب بڻجي وئي آهي، ڪيسن جا فيصلا نه ٿيندا آهن، تجويز آهي ته سپريم ڪورٽ ۽ ايوان مشاورت ڪري سستو ۽ جلد انصاف جو نظام آڻين، جيلن ۾ عورتون ۽ ٻار جيڪي سنگين ڏوهن ۾ ملوث نه آهن انهن جي سزا 2 سالن کان گهٽ آهي، انهن کي آزاد ڪري تربيت ڏينداسين، شهباز شريف تحريڪ انصاف تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته ڌانڌلي جي شڪايت لاءِ انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (آءِ ايم ايف) وٽ وڃڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي، ڌانڌلي جي شڪايت لاءِ آئيني فورم موجود آهن،اها ملڪ سان دشمني آهي، 9 مئي تي ملڪ ۽ قوم سان عظيم غداري ڪئي وئي،هن چيو ته ميان محمد نواز شريف هارين کي سستي بجلي فراهم ڪئي ۽ جعلي دوائن جو خاتمو ڪيو، هارين لاءِ اسپيشل ٽيوب ويل پيڪيج ۽ اعليٰ معيار جا ٻج پرڏيهه مان منگوايا ويندا، صوبن سان گڏجي زراعت کي ترقي ڏيارڻ جي منصوبي تي ڪم ڪنداسين.وزيراعظم چيو ته مخالف ڌر وارا جهنگله بس تي گوڙ ڪندا هئا پر پاڻ پشاور بي آر ٽي جو ڪهڙو حشر ڪيو؟، ٺوس قدمن سان مهانگائي گهٽ ٿيندي ۽ روزگار ۾ اضافو ٿيندو.ڪوشش هوندي ته حڪومتي قدمن جي بدولت هڪ سال ۾ ثمر اچڻ شروع ٿي وڃن،آءِ ٽي سان برآمدات ۾ اضافو ٿيندو، زرعي شعبي تي خاص ڌيان ڏنو ويندو،هن چيو ته ڀاڻ تي سڌي ريت سبسڊي ڏني ويندي، هارين کي معياري ٻج جي فراهمي کي يقيني بڻايو ويندو، جعلي زرعي دوائن جو خاتمو آندو ويندو، عوام لاءِ صاف ۽ آرامده سفري سهولت اسان جي ترجيح آهي، سڄي ملڪ ۾ موثر ٽرانسپورٽ سسٽم جو ڄار وڇائينداسين. سولر ٽيوب ويل پروگرام شروع ڪيو ويندو، ٻاهرين يونيورسٽين ۾ پڙهائڻ لاءِ اسڪالرشپس ڏنيون وينديون،چئني صوبن ۾ جديد اسپتالون ٺاهيون وينديون، عورتن کي هراسان ڪرڻ جو ڏوهه ناقابل برداشت آهي،دهشتگردي جي حوالي سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته نيشنل ايڪشن پلان تي عمل ڪيو ويندو، پي ٽي آءِ حڪومت تي تنقيد ڪندي شهباز شريف چيو ته پرڏيهي دهشتگردن کي جيلن مان آزاد ڪيو ويو، جنهن سان ملڪ ۾ ٻيهر دهشتگردي شروع ٿي، ملڪ مان دهشتگردي جي خاتمي جو عزم ورجايون ٿا،پرڏيهي پاليسي بابت ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته پرڏيهي پاليسي ۾ ڪنهن گریٹ گيم جو حصو نه هونداسين، دوست وڌائينداسين، مخالفن کي گهٽائينداسين، اسان کي آمريڪا سان تاريخي لاڳاپا پهريان ٺيڪ ڪرڻا آهن پوءِ استوار ڪرڻا آهنهن چيو ته يورپي يونين ۽ گلف ڪائونسل سان لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ڪنداسين، سعودي عرب هميشه اسان جي مدد ڪئي آهي، ان جا شڪرگذار رهنداسين، ڪويت، بحرين ۽ ايران سان پراڻا لاڳاپا آهن، انهن کي اڳتي وٺي هلنداسين.شهباز شريف وڌيڪ چيو ته قوم کي وڌيڪ ڪنهن چونڊ نتيجن جي ضرورت نه آهي چونڊن ۾ ڪڏهن به سادي اڪثريت ناهي ملي جنهن  لاءِ اسان هم خيال ماڻهو حڪومت ٺاهڻ لاءِ اڳيان وڌياسين. هن وڌيڪ چيو ته گم ٿيل ماڻهن جي مسئلي کي ختم ٿيڻ گهرجي. مسنگ پرسن جو  مسئلو حل ڪرڻ کان سواءِ  بلوچستان ۾ امن قائم نٿو ٿي سگهي، گم ٿي ويل ماڻهن جي معاملي تي مقامي قيادت سان ملي فيصلو ڪنداسين. شهباز شريف 9 مئي جي واقعن کي سنگين غداري قرار ڏيندي واضح ڪيو ته ملوث ماڻهن کي هر صورت ۾ قانون جو منهن ڏسڻو پوندو ۽ ڪنهن به بيگناهه کي سزا نه ڏني ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.