عثمان طارق بال ڪرائڻ ۾ دير ڇو ڪندو آهي؟ پاڻ ٻڌائي ڇڏيائين

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ ۾ ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز جي نمائندگي ڪندڙ اسپنر عثمان طارق چيو آهي ته منهنجي خواهش آهي ته مان پي ايس ايل ۾ پاڪستان جي وڏن نالن کي آئوٽ ڪيان.
نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي عثمان طارق چيو ته منهنجو بالنگ ايڪشن شروع کان وٺي اهو ئي آهي، بال ڪرائڻ وقت جيڪو وقت لڳندو آهي، ان جو نتيجو بهتر ملندو آهي، ايشون ۽ حفيظ به بيهندا هئا پر ذهن ۾ ڪڏهن انهن جهڙو ايڪشن ڪرڻ جو خيال نه آيو.
هن چيو ته هر رانديگر جو خواب ۽ ڪوشش هوندي آهي ته ملڪ لاءِ کيڏي، تمام گهٽ ماڻهو هوندا آهن، جيڪي نون رانديگرن تي اعتماد ڪندا آهن، پي ايس ايل ڪوالٽي ڪرڪيٽ آهي، اتان جي ڪارڪردگي سڀني جي نظرن ۾ هوندي آهي، پي ايس ايل ۾ پرفارم ڪرڻ ننڍي ڳالهه ناهي.
سندس چوڻ هو ته وڏن رانديگرن کي آئوٽ ڪرڻ سان سدائين اعتماد ملندو آهي، خواهش آهي ته پي ايس ايل ۾ پاڪستان جي وڏن نالن کي آئوٽ ڪيان.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.