قومي انڊر 19 فٽبال ٽيم جو اڳوڻو رانديگر روڊ حادثي ۾ فوت

صوابي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ايئر فورس جي فٽبال ٽيم جو رانديگر فرحان خان روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويو.
پوليس موجب واقعو صوابي شهر ۾ جهانگيرا روڊ تي پيش آيو، جتي فرحان خان پنهنجي موٽر سائيڪل تي سوار هو ته اوچتو تيز رفتار گاڏي کيس ٽڪر هنيو.
پوليس ٻڌايو ته ايمبولينس دير سان پهچڻ سبب فرحان خان روڊ تي سخت حالت ۾ پيو رهيو، پوءِ کيس ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪوارٽر اسپتال نيو ويو، جتان کيس راولپنڊي جي سي ايم ايڇ اسپتال موڪليو ويو.
پوليس موجب راولپنڊي جي سي ايم ايڇ اسپتال ۾ علاج هيٺ فرحان زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويو.
پوليس اڻڄاتل جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو آهي، جڏهن ته فرحان جي گهر ڀاتين جوابدار کي گرفتار ڪري سخت ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي.
واضح رهي ته فرحان خان پاڪستان ايئر فورس فٽبال ٽيم جو رانديگر آهي، جڏهن ته هو پاڪستان فٽبال ٽيم ۾ انڊر 19 جو رانديگر به رهي چڪو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.