ڪراچي ۾ پي ٽي آءِ جو عمران خان جي حمايت ۽ ڌانڌلي خلاف احتجاج

ڪراچي: (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اميدوارن عوامي مينڊيٽ جي چوري خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. هنن اليڪشن ڪميشن ۽ حڪومت تي چونڊ نتيجن ۾ مداخلت جو الزام لڳايو.

احتجاج ۾ پارٽي ڪارڪنن ۽ عورتن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. جن ۾ عالمگير خان، خرم شير زمان، جانشير جوڻيجو ۽ ٻيا شامل هئا.

کين جهنڊا ۽ بينر کنيل هئا ۽ نعريبازي ڪري رهيا هئا.

ان موقعي تي مظاهرين خطاب ڪندي چيو ته عمران خان نه رڳو سندن سياسي ليڊر آهي پر سندن استاد به آهي. هو پنهنجي ليڊر سان گڏ آهن ۽ هر قسم جي قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهن.

هنن دعويٰ ڪئي ته هو اليڪشن واري ڏينهن کٽي ويا هئا پر بدقسمتي سان ٻئي ڏينهن سندن نتيجا تبديل ڪيا ويا. هنن پهريان اليڪشن ڪميشن جو دروازو کڙڪايو پر اتان ڪو به جواب نه مليو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.