سوشل ميڊيا تي پابندي جي مطالبي تي بختاور جو ردعمل سامهون اچي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سينيٽر بهره مند تنگي جي سوشل ميڊيا تي پابندي جي مطالبي تي بختاور ڀٽو زرداري جو ردعمل سامهون آيو آهي.
اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي نياڻي بختاور ڀٽو زرداري ٽوئيٽ ڪيو ته سينيٽر بهره مند تنگي کي پارٽي مان ڪڍيو ويو هو، ميڊيا بنا تحقيق جي سندس وابستگي پ پ سان جوڙي ڇڏي آهي.
واضح رهي ته سينيٽر بهره مند تنگي سوشل ميڊيا تي مستقل بنيادن تي پابندي جو مطالبو ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.