نيشنل هاءِ وي اٿارٽي پاران ٽريفڪ لاءِ کليل رستن جا تفصيل جاري

اسلام آباد (پ ر) ملڪ جي مختلف علائقن ۾ طوفاني صورتحال کي نظر ۾ رکندي نيشنل هاءِ وي اٿارٽي ريڊ الرٽ جاري ڪندي پنهنجي سڀني انجنيئرز ۽ لاڳاپيل عملي کي هر قسم جي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار رهڻ جون هدايتون جاري ڪيون هيون.اهم قومي شاهراهن ۽ رابطن وارن رستن کي بحال رکڻ لاءِ ضروري مشينري ۽ عملو مختلف جاين تي مقرر ڪيو ويو.

نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي ترجمان جو چوڻ آهي ته اين ايڇ اي کي نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي، پراونشل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي، ايف ڊبليو ۽ ٻين قومي ۽ علائقائي ادارن جو ڀرپور سهڪار حاصل هو جڏهن ته اين ايڇ اي هيڊ ڪوارٽرز ۾ ڪنٽرول روم پڻ قائم ڪيو ويو هو.

مواصلات واري وفاقي وزير شاهد اشرف تارڙ، نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي چيئرمين ارشد مجيد مهمند ۽ زونل ميمبرن ٽريفڪ جي بحالي ۽ متاثر رستن جي مرمت ۽ تعميري سرگرمين جي پاڻ نگراني ڪئي.

نيشنل هاءِ وي اٿارٽي پاران ٽريفڪ لاءِ کليل رستن جا تفصيل به ڏنا ويا.

کوليل رستن ۾ ڪچلاڪ دانا سر روڊ، ڪوئيٽا چمن، (اين 25) قلعه سيف الله لورالائي، ( اين 70)، لڪ پاس، نوشڪي نوڪنڊي، (اين 40)، ڪوئيٽا سبي جيڪب آباد، ( اين 65) ڪراچي خضدار ڪوئيٽا، (اين 25) گوادر خضدار وانگوهل، ڪوسٽل هاءِ وي، ڪراچي کان گوادر تائين سڀني رستن تي ٽريفڪ بحال ڪئي وئي.

زوب دانا سر اين 50 تي هيوي ٽريفڪ جي اچ وڃ وڃ روڪي وئي جڏهن ته گوادر ۽ گبد روڊ (ايران بارڊر) تعميري ۽ مرمتي معاملن سبب بند رکيو ويو جڏهن ته برفباري ۽ لينڊ سلائيڊنگ سبب سازين شاهراهه آر ڊي 352، 326، 311 ۽ 300+240 ٻنهي پاسن کان بند رکيا ويا.

نيشنل هاءِ اٿارٽي موجب برساتن ۽ برفباري سبب بلوچستان ۽ اتر جا رستا متاثر ٿيا آهن جتي اين ايڇ اي جو عملو مصروف آهي ۽ ٻين ادارن جي سهڪار سان امدادي سرگرميون جاري آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.