ممبئي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪارا ڪنزا هاشمي چيو آهي ته 16 ورهين جي عمر ۾ کيس پهريون معاوضو 5 لک روپيا مليو هو.
ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي اداڪارا ڪنزا هاشمي ٻڌايو ته کيس پهريون معاوضو اڄ کان 10 سال اڳ 5 لک روپيا ڏيڻ جو چيو ويو هو جيڪو هن لاءِ ان وقت تمام گھڻو هو.
اداڪارا ٻڌايو ته ان وقت منهنجي عمر 16 سال هئي، معاوضو ٻڌي آئون حيران ٿي وئي هيس پر آئون ظاهر ائين ڪرايو هو ته ڄڻ 5 لک روپيا معاوضو مون لاءِ ڪا وڏي ڳالهه نه آهي، ان کان پوءِ مون کي 5 لک روپيا معاوضو پورو ادا ڪيو ويو.
پنهنجن مداحن بابت سوال تي ڪنزا هاشمي جو چوڻ هو ته منهنجو هڪ مداح ڊليوري بواءِ آهي جنهن وٽ منهنجو آرڊر جڏهن به ايندو آهي ته هو مون لاءِ آرڊر سان گڏ ڪجهه نه ڪجهه ضرور وٺي ايندو آهي.
Next Post
You might also like