واٽس ايپ ۾ وڏي ڪم جو فيچر متعارف

ڇا اوهان کي ضرورت جي وقت واٽس ايپ ۾ پراڻا ميسيج ڳولڻ ۾ ڏکيائي ٿيندي آهي؟ ته پوءِ هاڻي ائين نه ٿيندو.

واٽس ايپ پاران نئون فيچر سرچ باءِ ڊيٽ متعارف ڪرايو ويو آهي جيڪو ان مسئلي جو حل ثابت ٿيندو.

واٽس ايپ جي ان فيچر جي ذريعي تاريخ موجب ڪنهن به ميسيج کي ڳولڻ ممڪن هوندو.

ان فيچر تي ڪافي عرصي کان ڪم ڪيو پئي ويو ۽ هاڻي ان کي سڀني واهپيدارن لاءِ دستياب آهي.

فيچر کي استعمال ڪرڻ جو طريقو

ان فيچر کي استعمال ڪرڻ لاءِ واٽس ايپ کي کولي چيٽ ونڊو ۾ وڃو جتي ڪنهن مخصوص تاريخ جو ميسيج ڳولڻ چاهين ٿا.

ان چيٽ ونڊو ۾ سرچ آپشن کي سليڪٽ ڪيو.

whatsapp search by date

سرچ آپشن سليڪٽ ڪرڻ تي اوهان جي آڏو ڪيلينڊر آئڪون اچي ويندو جنهن تي ڪلڪ ڪريو.

ان کان پوءِ گھربل مهيني ۽ سال کي اسڪرول ڪري چونڊيو ۽ پوءِ سرچ تي ڪلڪ ڪريو.

ائين ڪرڻ کان پوءِ ان مخصوص تاريخ جا پيغام سامهون اچي ويندا.

ان فيچر سان ڪيترائي سال پراڻا پيغام ڳولڻ به سولو ٿي ويندو.

واضح رهي ته ان کان اڳ واٽس ايپ ۾ نون فارميٽنگ ٽولز جو اضافو به ڪيو ويو هو جڏهن ته سيڪيورٽي بابت به ڪيترائي فيچرز متعارف ڪرايا ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.