ڪراچي( ويب ڊيسڪ) ڏکڻ آفريڪا سان واسطو رکندڙ آءِ سي سي ايليٽ پئنل ۾ شامل امپائر مرائس ايراسمس رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، سٺ ورهين جي مرائس ايراسمس جي نيوزيلينڊ ۽ آسٽريليا جي ٽيسٽ سيريز آخري اسائنمينٽ هوندي.
مرائس ايراسمس 80 ٽيسٽ، 124 ون ڊي ۽ 43 ٽي ٽوئنٽي ميچن ۾ امپائرنگ جا فرض انجام ڏئي چڪو آهي.
ان کانسواءِ هن 18 وومين ٽي ٽوئنٽي ميچن به فرض انجام ڏنا، هو 3 ڀيرا آءِ سي سي امپائر آف دي ايئر جو اعزاز ماڻي چڪو آهي.
Next Post
You might also like