سنڌ ۾ تيز برساتن جي اڳڪٿي، سڀاڻي اسڪول بند رهندا، امتحان ملتوي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي جي ڪراچي ۾ تيز برسات جي اڳڪٿيءَ کي نظر ۾ رکندي سڀاڻي شام واري شفٽ جي خانگي ۽ سرڪاري اسڪولن ۾ ۾ موڪل جو فيصلو ڪيو ويو جنهن جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي.
امڪاني برسات سبب ڪراچي يونيورسٽي ۾ بي ڊي ايس ٿرڊ ۽ ايم بي بي ايس ٿرڊ پروفيشنل جي پهرين مارچ تي رٿيل امتحان ملتوي ڪيا ويا آهن.
ڪراچي يونيورسٽي جي ترجمان موجب، برسات جي اڳڪٿي کي نظر ۾ رکندي ڄاڻيل امتحان ڪيا ويا آهن، ملتوي ڪيل پرچا هاڻ ست مارچ تي ورتا ويندا، جڏهن ته امتحاني مرڪز ۽ وقت ۾ ڪا به ڦيرڦار ناهي ڪئي وئي.
ٻئي پاسي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه برساتن جي اڳڪٿي کي نظر ۾ رکندي صوبي ۾ رين ايمرجنسي لاڳو ڪندي سمورن مڪاني ادارن، انتظاميا ۽ اسپتالن کي هاءِ الرٽ ڪري ڇڏيو آهي.
سنڌ جي وڏي وزير جي صدارت هيٺ برساتن جي اڳڪٿي بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صوبي ۾ رين ايمرجنسي لاڳو ڪندي سمورن لوڪل باڊيز، انتظاميا ۽ اسپتالن کي هاءِ الرٽ ڪري ڇڏيو.
سنڌ جي وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي ڊي جي ڊي ايم اي سلمان شاهه چيو ته برسات جو پاڻي خضدار جي جابلو علائقن مان سنڌ ۾ ايندو، ڪراچي ۾ برسات سبب شاهراهه فيصل تي پاڻي جو پريشر هوندو، جنهن تي مراد علي شاهه هدايت ڪئي ته ٽريفڪ جا انتظام بهتر ڪيا وڃن.
سنڌ جي وڏي وزير لاڙڪاڻي جي ڪمشنر کي مڪمل انتظام ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته برسات جو پاڻي خضدار جي جبل مان سنڌ ۾ ايندو.
ياد رهي ته اڄ کان سڄي ملڪ ۾ تيز برساتن جو نئون سلسلو شروع ٿيڻ جو امڪان آهي، ايران مان داخل ٿيندڙ هڪ ٻيو مضبوط ويسٽرن سسٽم بلوچستان، سنڌ، خيبرپختونخواهه ۽ گلگت بلتستان جي اڪثر علائقن کي متاثر ڪندو.
نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي امڪاني برساتن ۽ برفباري جي حوالي سان الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي.
اين ڊي ايم اي موجب تيز برساتن سبب ڪراچي، حيدرآباد، گوادر، پشاور، مردان ۾ ٻوڏ اچي سگهي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.