ٽيڪساس جي ٻيلن ۾ لڳل باهه تاريخ جي ٻي سڀ کان وڏي باهه قرار

ٽيڪساس (ويب ڊيسڪ) آمريڪي رياست ٽيڪساس جي ٻيلن ۾ لڳل باهه کي تاريخ جي ٻي سڀ کان وڏي باهه قرار ڏنو ويو آهي.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ٽيڪساس جي ٻيلن ۾ لڳل باهه تيزي سان پکڙجي رهي آهي جنهن هاڻي ننڍن ڳوٺن ۽ ڍورن جي واڙن کي به پنهنجي وڪڙ ۾ وٺي ڇڏيو آهي.
رپورٽ موجب گاهه لڳڻ سبب ساڍا 8 لک ايڪڙ ايراضي سڙي رک ٿي وئي آهي، فائر فائٽرز پاران باهه تي ضابطو آڻڻ جون ڪوششون جاري آهن جڏهن ته باهه سبب هڪ بزرگ عورت فوت جي به تصديق ڪئي وئي آهي.
ان کانسواءِ باهه سبب ٽيڪساس جي گورنر گذريل ڏينهن 60 ڪائونٽيز کي آفت سٽيل قرار ڏنو هو.
ميڊيا رپورٽس موجب رياستي تاريخ ۾ رڪارڊ ڪيل سڀ کان وڏي باهه 2006ع جي اوڀرامريلو ڪامپليڪس جي باهه هئي جنهن تقريبن 1400 چورس ميل ايراضي کي ساڙي ڇڏيو هو ۽ ان جي نتيجي ۾ 13 ماڻهو فوت ٿيا هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.