فيبروري جي آخري ڏينهن ڊالر مهيني جي گهٽ ترين سطح تي بند

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) انٽربئنڪ ۾ فيبروري جي آخري ڏينهن ڊالر مهيني جي گهٽ ترين سطح تي بند ٿيو.
اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان موجب، انٽربئنڪ ۾ فيبروري جي آخري ڪاروباري ڏينهن دوران ڊالرز هڪ پئسو گهٽجي 279.11 رُپين تي بند ٿيو.
انٽر بئنڪ ۾ فيبروري دوران ڊالر جي مُلهه ۾ 39 پئسا لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي.
مرڪزي بئنڪ جي انگ اکرن موجب، فيبروري دوران ڊالر جي بلند ترين قيمت 279 رُپيا 57 پئسا رهي، جڏهن ته ڊالر جي گهٽ ترين سطح 279 رُپيا 11 پئسا رهي.
ٻئي پاسي اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جو اگهه 282 رُپيا 4 پئسا برقرار آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.