ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ سوين رُپيا واڌ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ اڄ سوين رُپيا رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، اڄ في تولي سون جو اگهه نوَ سئو رُپيا واڌ بعد ٻه لک پندرنهن هزار ست سئو رُپيا آهي.
اهڙي ريت ڏهه گرام سون جي قيمت 772 رُپيا اضافي سان هڪ لک چوراسي هزار نوَ سئو اٺاويهه رُپيا آهي.
عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون نوَ دالر مهانگو ٿيڻ کانپوءِ ٻه هزار 37 ڊالرز جو ٿي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.