”مان ڪڏهن ڪنهن جي چوڻ تي پنهنجو فيصلو تبديل ناهي ڪيو“

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس محمد امير ڀٽي چيو آهي ته مان ڪڏهن به ڪنهن جي چوڻ تي پنهنجو فيصلو تبديل ناهي ڪيو، ڇو ته هڪ ڀيرو ڪردار تي لڳل چُٽو ڪڏهن صاف نه ٿيندو.
نون چونڊيل ايڊيشنل سيشن ججن ۽ سول ججن جي حلف برداري تقريب ٿي، جنهن کي خطاب ڪندي محمد امير ڀٽي چيو ته الله پاڪ انصاف ڪندڙن کي چونڊيندو آهي، جج جي نالي سان عزت ۽ احترام سدائين جڙيل رهندو آهي.
هن چيو ته اسان کي فيصلن سان عزت ۽ احترام برقرار رکڻو پوندو آهي، اسان فيصلن تي الله پاڪ کي جوابده آهيون، جج هجڻ ڪا نوڪري نه پر آزمائش ۽ امتحان آهي.
سندس چوڻ هو ته توهان سڀني کي پنهنجي عهدي جي حفاظت ڪرڻي آهي، هڪ ڀيرو ڪردار تي لڳل چُٽو صاف ناهي ٿيندو، مان ڪڏهن به ڪنهن جي چوڻ تي پنهنجو فيصلو تبديل ناهي ڪيو.
لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس چيو ته رب پاڪ جي ناراضگي کي ڪڏهن به دعوت نه ڏيو، الله جي رضا، نيڪ نيتي سان انصاف جي فراهمي کي يقيني بڻايو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.