راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) احتساب عدالت جي جج پي ٽي آءِ جي باني عمران خان جي ڏندن جي چيڪ اپ جي درخواست منظور ڪري ورتي.
راولپنڊي جي احتساب عدالت 190 ملين پائوند ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني ۽ سندس گھرواري بشريٰ بي بي تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو.
بشريٰ بي بي ۽ عمران خان ڏوهه باسڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو جنهن کان پوءِ احتساب عدالت ريفرنس جي وڌيڪ ٻڌڻي تي 5 شاهدن کي طلب ڪري ورتو.
ٻڌڻي دوران عمران خان روسٽرم تي اچي چيو ته اسان ان ڪيس ۾ دير نٿا چاهيون 8 فيبروري کان اڳ نيب کي جلدي هئي هاڻي اسان چاهيون ٿا ته ريفرنس جلد مڪمل ٿئي.
جج چيو ته خان صاحب اوهان پهريان اهو ٻڌايو ته اوهان جي ڏندن جو چيڪ اپ ٿيو يا نه؟
عمران خان چيو ته اڃا تائين ڏندن جو چيڪ اپ نه ٿيو آهي.
عدالت پي ٽي آءِ باني جي طبي معائني۽ ڏندن جي چيڪ اپ جي درخواست منظور ڪري ورتي.
Prev Post
You might also like